هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو اطلاعات سيڪريٽري تبديل

هڪ مهيني ۾ ٻيو ڀيرو اطلاعات سيڪريٽري تبديل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي ۾ هڪ مهيني دوران ٻيو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، سنڌ جي اطلاعات کاتي جي اڳوڻي سيڪريٽري نياز عباسي جي جاء تي رفيق ٻرڙو کي ذميواريون سونپيون ويون آهن. ياد رهي ته هدايتن تي عمل نه ٿيڻ ۽ کيس نظرانداز ڪري مرضي سان اشتهار جاري ڪرڻ واري معاملي تان نياز عباسي بطور سيڪريٽري ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ عهدو ڇڏي موڪل تي هليو ويو هو. اڳوڻي سيڪريٽري نياز عباسي ماتحت عملي کي هدايت ڪئي هئي ته سندس اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به اشتهار نه ڏنو وڃي. ان کان اڳ عمران عطا سومرو کي هٽائي نياز عباسي کي آندو ويو هو. ناصر شاهه ۽ شرجيل انعام ميمڻ جي لابين ۾ مقابلو آهي هن مهل تائين شرجيل انعام کي سرسي حاصل رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو