اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي، موجوده صورتحال ۾ سڀني کي گڏجي ويهڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ به سڀني گڏجي ڪم ڪيو آهي ته ڏکين حالتن ۾ مسئلن جو حل ڳوليو وڃي.قوم ماضي ۾ سخت اختلافن جي باوجود گڏ ٿي آهي. سينيٽ جي گولڊ جوبلي جي حوالي سان ڪوٺايل خصوصي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خاص اجلاس سڏائڻ تي سينيٽ چيئرمين کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، خوشي آهي ته اڄ مختلف ملڪن جا سفارتڪار سينيٽ ۾ آيا آهن. هن چيو ته 1973ع ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ چئن صوبن کي برابري جا حق ڏيڻ جو تاريخي ڪم ڪيو، آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين اڳواڻن تاريخي ڪم ڪيو. سينيٽ قانون سازي يا ٻين معاملن جي ذميواري پوري سنجيدگيءَ سان قبولي، هن چيو ته هو 11 مهينن کان مشڪلاتن مان گذري رهيو آهي، اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون آهن جن جو ذڪر نٿو ڪري سگهان، قومون اهي ئي زنده رهن ٿيون جيڪي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ محنت ڪن، معاشي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ضرور آهي، جيڪڏهن سياسي استحڪام نه هوندو ته يقينن معاشي استحڪام هڪ خواب آهي. شهباز شريف چيو ته سمورا وزير ملڪ کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اسان آءِ ايم ايف جون سخت شرطون پوريون ڪيون، اهو معاملو ڪجهه ڏينهن ۾ بورڊ ڏانهن وڃڻ گهرجي.ايتري دير تائين ايتري عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ سندن ئي قصور آهي.آءِ ايم ايف اسان کي ڪڏهن به نه چيو آهي ته سياسي عدم استحڪام کي حل ڪيو پر اهي انڌا نه پر سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته اسان سياست ڇڏي ملڪ ۽ قوم لاءِ ڏکيا فيصلا ڪيا، هڪ داستان ٺاهيو ويو ته هي امپورٽڊ حڪومت آهي، چيو ويو ته هي امپورٽڊ حڪومت آهي جنهن جي پويان آمريڪا آهي، پاڪستان جو مفاد اسان جي دلين ۾ آهي. شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ ليڊر ملڪ کي تباهه ڪرڻ تي ويٺو آهي پر کيس ائين ڪرڻ نه ڏنو ويندو ، معاملن کي خراب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ صبر جو ڪم آهي.هن چيو ته آءِ ايم ايف جو پروگرام ٿي ويندو، جيڪڏهن اڄ قرض ملي ته شاديانا کيڏنداسين، اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ اهم معاشي فيصلا ڪرڻا پوندا، سياسي اختلاف ڇڏي ڪري فيصلا ڪرڻا آهن. وقت اچي ويو آهي ته هوش ۾ اچي، مان الله کي شاهد ڪريان ٿو، پاڪستان لاءِ پنهنجا سمورا سياسي مفاد قربان ڪري ڇڏينداسين، اسان سڀني کي گڏجي ويهڻو پوندو ۽ اهم فيصلا ڪرڻا پوندا.










