هڪ شهزادي اچي چئي ٿي ته منهنجي آجيان ڪريو: سراج الحق

هڪ شهزادي اچي چئي ٿي ته منهنجي آجيان ڪريو: سراج الحق

بهاولپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هڪ شهزادي لنڊن مان اچي چئي ٿي ته منهنجي ڀرپور آجيان ڪئي وڃي.بهاولپور ۾ ورڪرز ڪنوينشن سان خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته 75 سالن جا سمورا تجربا ناڪام ٿي ويا، 35 سالن ملڪ تي جرنيلن حڪومت ڪئي، اڄ ناڻي وارو وزير چئي ٿو ته پاڪستان جو الله حافظ.هن چيو ته هي اهو پاڪستان آهي، جيڪو پي ڊي ايم ۽ پي ٽي آءِ ڏنو، ان ٽرائيڪا سبب عوام تباهه ٿي رهيو آهي، حڪومت جو سڄو نظام وياج ۽ خيرات جي بنياد تي هلي رهيو آهي.سندس موجب هڪ شهزادي لنڊن مان آئي آهي ۽ مطالبو ٿي ڪري ته منهنجو ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ پي ڊي ايم جو احتساب نه ڪري سگهي، انهن جو احتساب عوام کي ڪرڻو آهي.سراج الحق چيو ته اسان اقتدار ۾ اچي وياج جو نظام ختم ڪنداسين، عوام اسلامي نظام لاءِ جماعت اسلامي کي ڪامياب ڪرائي.

پهنجو تبصرو موڪليو