دادو(ن سنڌيار) سيتا وليج ۾ ٽي ڏينهن اڳ مٽي کڻڻ تان هٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان سونو پٽ جمعو خان ڪلهوڙو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران ايس ايس پي موڙ تي دادو وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن نماڻو ڪلهوڙو ۔نادر ڪلهوڙو ۔ملوڪ ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ روڊ بلاڪ ڪري پوليس جي خلاف سخت نعباريبازي ڪئي مظاهرين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته اسان جي بي گناھ نوجوان سونو ڪلهوڙو کي جوابدارن محرم ۔شبير ۔بشير ۔شمن ۔غلام قادر سولنگي قتل ڪيو آھي ۔۔ٽي ڏينهن گذرڻ جي باوجود بهي راڄوديرو پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري ۔جوابدار اسان کي ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جڏھن ڊي ايس پي سٽي عبدالخالق وڳڻ ايس ايڇ او اي سيڪشن اشفاق منگي اي سيڪشن جي وڏي منشي ممتاز پنهور ۔ٽريفڪ انچارچ اشرف پنهور ۽ ون فائيو مدد گار پوليس جي انچارچ اسحاق پنهور ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري قاتل گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو










