ڪراچي (اسپورٽس نيوز) ڪراچي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ آچر تي هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿيندڙ ڪرڪيٽر عمر خان جي گهر ۾ سوڳ ڇانيل آهي.ڪراچي ۾ گرم موسم رانديگرن لاءِ به پريشاني جو باعث بڻجي وئي آهي.مقتول ڪرڪيٽر جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته عمر کي ٻه ٻار آهن ۽ سندس زال ڪينسر ۾ مبتلا آهي، عمر ڪا به دوا نه پيتي هئي، هو پنهنجي غذا جو تمام گهڻو خيال رکندو هو.ٻئي طرف ٽيم جي ڪپتان محمد ياسر پنهنجي آخري ميچ کيڏڻ دوران جيڪا شرٽ پائي هئي، اها ڏيکاريندي هن چيو ته عمر جان برائن هيمبرگ سبب زندگي وڃائي ويٺو.محمد ياسر چيو ته عمر خان جيڪا آخري بال ڪئي اها سندس زندگي جي آخري بال ثابت ٿي، ٽيم جي ٽرافي ۽ ميچ جي شرٽ عمر جي يادن کي هميشه تازگي بخشيندي.










