راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته عمران خان جو هيليڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ ئي لهندو ان سلسلي ۾ جي ايڇ ڪيو اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته ڊي سي ڪير ٿيندو آهي؟علامه اقبال پارڪ ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري چيو ته اڄ اسان جلسي گاهه وٽ موجود آهيون، هتي ٽينٽ سٽي قائم ڪئي وئي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته جيترا ماڻهو پنڊي طرف اچي رهيا آهن ان کان اڳ ڪڏهن به نه آيا هوندا، قوم سمجهي ٿي ته هي هڪ اهم موڙ آهي جتي اسان موجود آهيون.اسد عمر چيو ته عمران خان جي حياتي کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ ڊي سي اسلام آباد اجازت نه پيو ڏئي، ڊي سي کي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي. ڊي سي ٻڌائي ته ان کي ڪير هدايتون ڏئي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان جو هيليڪاپٽر پريڊ گرائونڊ ۾ ئي لهندو، جي ايڇ ڪيو به اجازت ڏئي ڇڏي آهي.تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري چيو ته علامه اقبال پارڪ ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي شام جي لائحه عمل جو عمران خان اعلان ڪندو. عمران خان جيڪو به اعلان ڪندو ان جا سمورا انتظام مڪمل آهن، ڪرڪيٽ ميچ کي تحريڪ انصاف جي ڌرڻي مان ڪوبه خطرو نه هوندو.هن چيو ته عمران خان کي ڪجهه به ٿيو ته ان جي وفاقي حڪومت ذميوار هوندي. اسلام آباد جو ڊي سي سڌو سنئون ذميوار هوندو. مون عمران خان کي مشورو ڏنو هو ته اڃان آرام ڪريو، پر ڪپتان چيو ته قوم جي وچ ۾ رهڻ چاهيان ٿيو.










