هيلمٽ نه پائڻ وارن تي ڏنڊ هڻو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندا، حڪم

هيلمٽ نه پائڻ وارن تي ڏنڊ هڻو، سڀ ٺيڪ ٿي ويندا، حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ هڪ ٻڌڻي دوران روڊ سيفٽي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هيلمٽ نه پائڻ تي موٽرسائيڪل سوارن تي 5 هزار ڏنڊ لڳايو وڃي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي خاتمي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت لاهور ٽريفڪ پوليس کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ضابطا ٺاهيا وڃن، عدالت ان تي حڪم جاري ڪندي، پهريان هيلمٽ جي استعمال جو اشتهار ڏنو وڃي. 10 ڏينهن پوءِ آگاهي ڏيو، هيلمٽ نه پائڻ وارن تي 5 هزار ڏنڊ، سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.ان موقعي تي عدالت وڌيڪ چيو ته سي بي ڊي انڊر پاس پهرين برسات به برداشت نه ڪري سگهيو.ٻڌڻي دوران عدالت ايم اي او ڪاليج جي پرنسپال جي سائيڪل تي آفيس وڃڻ تي کيس ساراهيو،.لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو