هندو واپاري جي قتل جي جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

هندو واپاري جي قتل جي جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا

شھدادڪوٽ (شاهد اعواڻ) ماڊل ٽرائل ڪورٽ شھدادڪوٽ جي جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن محمد اويس سومرو ۽ صدام سومرو کي عمر قيد ۽ 10، 10 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. ياد رهي ته 2012 ۾ جوابدارن ھندو واپاري اجيت ڪمار کي 2لک روپيا اوڌر جا پيسه نه ڏيڻ تان پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ھو جنهن جي ڪيس جي اڄ ٻڌڻي ٿي ، ٻئي جوابدار ضمانت تي آزاد ٿيل ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو