هندو برادري ۾ خودڪشين جا ذميوار پنڊت ۽ ڀڳت آهن؛ اڳواڻ

هندو برادري ۾ خودڪشين جا ذميوار پنڊت ۽ ڀڳت آهن؛ اڳواڻ

نئون ڪوٽ (پيارعلي نهڙيو) ننڍي عمر جي شادين جا نقصان ٿر ۾ وڌندڙ خودڪشين جا سبب ۽ ان جي روڪٿام جي عنوان سان تي ٿر ۽ بئراجي علائقي جي سنگم تي آباد نئون ڪوٽ جي  تاريخي قلعي جي آڳنڌ ۾ سنڌ ڪولهي اتحاد طرفان سيمينار ڪوٺايو ويو. سيمينار جي صدارت محمد نواز عباسي ڪئي جڏهن ته مير غني ٽالپر، ليکڪ محب ڀيل، هومين رائيٽس ڪميشن ميمبر پرديپ ڪالاڻي، سنڌ ڪولهي اتحاد اڳواڻ رڻشال داس، ڀڳوان داس، مهراج،  ايس ايڇ او وڃوٽو اسلم خانزاده ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ٿر پارڪر ۾ شعور نه هئڻ ڪري خودڪشين جو رجهان وڌيو آهي سنڌ ۾ خاص طور تي ٿر پارڪر، بدين، عمر ڪوٽ، سانگهر ضلعن ۾ خودڪشين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌارو ٿي رهيو آهي ننڍپڻ جون شاديون خودڪشين جو سڀ کان وڏو سبب بڻيل آهن. پوليس خودڪشين جي معاملي جي جانچ ڪرڻ بجاءِ ذهين مريض يا چريو هئڻ جا سبب ٻڌائي ڪيس کي لئي مٽي ڪريو ڇڏي. هندو برادري ۾ خودڪشين جا ذميوار پنڊت ۽ ڀڳت آهن ڇا ڪاڻ ته هو 2000 روپين جي لالچ ۾ ننڍي عمر جي نياڻين جي شادي کي جائز قرار ڏين ٿا. ٻيو ٿر ۾ تعليم جو رجهان غريب طبقي ۾ نه هئڻ جي برابر آهي جنهن ڪري خودڪشين جو لاڙو پيدا ٿئي ٿو جنهن ڪري اسان سڀني کي گڏجي ننڍپڻ جي شادين ۽ خودڪشين کي روڪڻ لا محنت ڪرڻي پوندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو