انڊيا، اسرائيلي ڪتابن ۽ سامان گهرائڻ تي پابندي ختم

انڊيا، اسرائيلي ڪتابن ۽ سامان گهرائڻ تي پابندي ختم

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ڀارت ۽ اسرائيل کان ڪتابن ۽ ٻين شين جي درآمد تي پابندي کي قانوني ۽ آئيني طور تي صحيح قرار ڏيندي لاهور هاءِ ڪورٽ جي سڀني حڪمن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي.عدالت جو فيصلو جسٽس عامر فاروق اڪثريتي راءِ سان جاري ڪيو، جنهن ۾ قرار ڏنو ويو ته پرڏيهي پاليسي ۽ قومي سلامتي جا معاملا مڪمل طور تي حڪومت جي اختيار ۾ اچن ٿا ۽ عدليه انهن معاملن ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت کي اختيار آهي ته اهو فيصلو ڪري ته ڪهڙن ملڪن سان واپاري لاڳاپا برقرار رکڻا آهن ۽ ڪهڙن تي پابنديون لڳائڻيون آهن. عدالت واضح ڪيو ته جيڪڏهن عدليه واپاري پاليسين ۾ مداخلت ڪندي ته اها آئيني حدن کان وڌي ويندي. عدالت لاهور هاءِ ڪورٽ جي وفاقي حڪومت لاءِ نظرثاني آفيسر مقرر ڪرڻ جي حڪم کي به رد ڪري ڇڏيو، ۽ چيو ته هي قدم پاڻمرادو نوٽيس جي دائري اختيار کان ٻاهر آهي، پر درخواستگذار پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ سڌو سنئون وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري سگهن ٿا. فيصلي موجب، پڙهڻ جو حق هڪ بنيادي حق آهي، جيڪو ملڪي قانونن ۽ پرڏيهي پاليسي پاران لاڳو ڪيل پابندين جي تابع آهي. عدالت وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو آئين هڪ ارتقا پذير دستاويز آهي جيڪو وقت سان گڏ نون حقن جي تشريح جي گنجائش فراهم ڪري ٿو، جڏهن ته آرٽيڪل 25-A تحت مفت تعليم جو حق اسڪول ۽ ڪاليج جي سطح تائين محدود آهي. ٻئي طرف، جسٽس علي باقر نجفي پنهنجي اضافي نوٽ ۾، پڙهڻ ۽ لکڻ جي حق کي بنيادي حق قرار ڏنو. پڙهڻ ۽ لکڻ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ هڪ ٻئي کان سواءِ مڪمل نه ٿو ٿي سگهي. قرآن پاڪ جي پهرين وحي “اقراء” جو حوالو ڏيندي، هن علم جي اهميت تي زور ڏنو ۽ علامه اقبال جي خيالن جو ذڪر ڪندي چيو ته قومن جي ترقي لاءِ ذهني آزادي ۽ شعور جي بيداري ضروري آهي. عدالت اهو به فيصلو ڏنو ته انٽرنيٽ جي دور ۾ معلومات جي مڪمل پابندي عملي طور تي ممڪن ناهي، جڏهن ته، قومي سلامتي ۽ حب الوطني جون گهرجون پنهنجي جاءِ تي آهن. هي فيصلو پاڪستان جي واپار واري وزارت جي اپيل تي ڪيو ويو، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي چئلينج ڪيو ويو هو جنهن ۾ حڪومت کي هندستان کان ڪتابن جي درآمد جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو