اڄڪلهه ساهرن جو رويو ٺيڪ ناهي، طلاق وٺڻ وارو آهيان: شيخ

اڄڪلهه ساهرن جو رويو ٺيڪ ناهي، طلاق وٺڻ وارو آهيان: شيخ

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته حڪومت ايمرجنسي لڳائڻ جا بهانا ڳولي رهي آهي، حڪمران سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي به غلط انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهن.راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد جو چوڻ هوته جيڪڏهن هي ويڙهه وڙهڻي نه هجي ها ته مان سياست کي خدا حافظ چئي ڇڏيان ها.هن چيو ته بلاول ۽ آصف زرداري اليڪشن لاءِ تيار آهن، مُلڪ ۾ هڪ ئي وقت عام چونڊون ٿيڻ گهرجن، کين سياسي طور اهڙي شڪست ملندي جو منهن لڪائڻ لاءِ جاءِ نه ملندن.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته موجودا حڪمرانن کي آڻڻ وارا پڇتائيندا، قوم انهن کان سياسي طور انتقام وٺندي، اڄ جي دور جو ليڊر عمران خان آهي، سڀاڻي جي الله کي خبر آهي.هن وڌيڪ چيو ته جيل منهنجا ساهرا آهي، ساهرن جو رويو ٺيڪ نه هو، مان طلاق وٺڻ وارو آهيان.

پهنجو تبصرو موڪليو