هلندڙ سال جي 9 مهينن ۾ برآمدات ۾ 25 سيڪڙو واڌ

هلندڙ سال جي 9 مهينن ۾ برآمدات ۾ 25 سيڪڙو واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)واپار واري وزارت پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ تجارتي سامان جي برآمدات ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 25 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. وزارت جي انگن اکرن موجب جولاءِ کان مارچ دوران برآمدات 23.33 ارب رپين تائين پهتي، جيڪا گذريل سال 18.68 ارب رپيا هئي. برآمدات ۾ واڌ جو هڪ وڏو سبب روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سان گڏ ڪيترن ئي معاون قدمن جو پڻ آهي. واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود چيو ته: “اسان جي برآمدات اسان جي هدف جي مطابق آهن.”مارچ ۾ برآمدات ۾ 17.3 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، جنهن کانپوءِ برآمدات 2.26 بلين ڊالر مان وڌي 2.77 بلين ڊالر ٿي وئي. سراسري مھينا برآمد 2.5 بلين ۽ 2.8 بلين جي وچ ۾ آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو