هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري جزوي سج گرهڻ اڄ ٿيندو

هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري جزوي سج گرهڻ اڄ ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)هلندڙ سال جو ٻيو ۽ آخري سج گرهڻ اڄ ٿيندو، سج گرهڻ پاڪستان ۾ به جزوي طور تي نظر ايندو.موسميات کاتي موجب سج گرهڻ يورپ، اولهه ايشيا، اتر آفريڪا ۽ وچ اوڀر ۾ به ڏٺو ويندو.موسميات کاتي موجب پاڪستان ۾ سج گرهڻ 1 لڳي 58 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ شام 6 لڳي 20 منٽن تي ختم ٿيندو.رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ سج گرهڻ شام 4 وڳي کانپوءِ ٿيندو، لاهور ۾ سج گرهڻ 3 لڳي 49 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ 5 وڳي 20 منٽن تي ختم ٿيندو.موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۾ سج گرهڻ 3 لڳي 43 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ شام 5 لڳي 22 منٽن تي ختم ٿيندو.رپورٽ موجب ڪراچي ۾ سج گرهڻ 3 لڳي 57 منٽن تي شروع ٿيندو ۽ شام 5 لڳي 56 منٽن تي ختم ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو