هاڻي سخت فيصلا به ٿيندا ۽ عمل به ٿيندو، مريم نواز

هاڻي سخت فيصلا به ٿيندا ۽ عمل به ٿيندو، مريم نواز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي هر هال ۾ گهر وڃڻو پوندو چاهي هو ڪيترا به جتن ڪري بچي نه سگهندو. مشاورتي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خواجا آصف کي اجلاس ۾ شرڪت کان روڪڻ لاءِ گرفترا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته نيب انڌي آهي هن کي بلين ٽريز، مالم جبا، کنڊ چور، آٽي جا چور نظر نٿا اچن؟. هن چيو ته هاڻي گرفتارين تي خاموش نه ويهنداسين، جواب ڏينداسين، سخت فيصلو ڪبا ۽ انهن تي عمل به ڪبو. هڪ سوال تي هن چيو ته ميان نواز شريف علاج مڪمل ٿيڻ بعد وطن ايندو، هنن دشمن حڪمرانن کي هو پنهنجي رحم ڪرم تي ڇو ڇڏي؟

پهنجو تبصرو موڪليو