اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته 2018ع ۾ سينيٽ چونڊ دوران ووٽ خريد ۽ وڪرو ڪيا ويا، جنهن شخص جِي پارٽي جا ايم پي ايز ووٽن جي خريد ۽ وڪرو ڪري رهيا آهن، اُهو اڄ ملڪ جو وزيراعظم بڻيل آهي، براڊ شيٽ ۾ 10ا رب رُپين کان وڌيڪ پئسو ضايع ڪيو ويو، ڇا نيب چيئرمين ننڊ سُتل آهي؟، عمران خان ۽ احتساب وارا ٻڌي ڇڏين ته براڊ شيٽ ۾ ضايع ٿيل پئسي جو احتساب ٿيندو ۽ هاڻي احتساب ڪرڻ وارن جو احتساب ٿيندو.










