نيوٽرلز  اسان کان مافيا حڪومت کي تسليم نه ڪرائي سگهندا:خان

نيوٽرلز اسان کان مافيا حڪومت کي تسليم نه ڪرائي سگهندا:خان

اسلام آباد ( بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سوشل ميڊيا انفلوائنسرز سان گفتگو ڪندي حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جي آڇ رد ڪري ڇڏي آهي.سوشل ميڊيا انفلوائنسرز سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ڪرپٽ ماڻهن سان گڏ ويهي ڳالهيون نٿو ڪري سگهان، انهن ماڻهن سان گڏ ويهڻ جو مطلب ڪرپشن تسليم ڪرڻ هوندو.هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، آرمي چيف جي مقرري تي ڊرامو شروع ٿي ويندو آهي، دنيا ۾ ائين ڪٿي به ناهي ٿيندو ته آرمي چيف جي مقرري مسئلو بڻجي وڃي.سنڌ چوڻ هو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو، فوج اڪيلي سر ملڪ کي گڏ نٿي ڪري سگهي، فوج ملڪ کي گڏ ڪري سگها ته اوڀر پاڪستان نه ٽٽي ها، ملڪ کي سياسي پارٽيون گڏ ڪري سگهن ٿيون ۽ هن وقت واحد قومي جماعت تحريڪ انصاف آهي.عمران خان چيو ته ڪو به اهڙو فيصلو نه ڪندس جنهن سان ملڪ کي نقصان رسي، ڀارتي اسرائيلي لابي مونکي اقتدار مان هٽائڻ تي خوش ٿي، قومي قيادت اسرائيلي ۽ ڀارتي لابي جي پلان خلاف هئي.سندس چوڻ هو ته مسئلي جو واحد حل صاف شفاف چونڊون آهن ۽ ايندڙ چونڊن جون ٽڪيٽون پاڻ ڏيندس.پنجاب حڪومت جي حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ هو ته پنجاب حڪومت رڳو حمزا شهباز کي هٽائڻ لاءِ حاصل ڪئي، هو اسان جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري رهيو هو.سندس وڌيڪ چوڻ هوته پوليس اختيارين خلاف ڪارروائي ڪيون ته چڙيا گهر مان ڪال اچي وڃي ٿي.شهباز گِل واري مامري تي ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته فاشزم جي ڪلاسڪ مثال شهباز گِل جو ڪيس آهي، پوليس چئي رهي آهي ته شهباز گِل تي اسان تشدد ناهي ڪيو ته پوءِ ڪنهن ڪيو؟ اڄ ريلي کي خطاب دوران اهم ڳالهيون ڪندس.هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ فوج ۾ ٽڪراءُ جو سازش ٿي رهي آهي، جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيو ته ملڪ ۾ رتوڇاڻ ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو