نيويڊيا ۽ اوريڪل دنيا جو تيز ترين سپر ڪمپيوٽر تيار ڪندا

نيويڊيا ۽ اوريڪل دنيا جو تيز ترين سپر ڪمپيوٽر تيار ڪندا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)نيويڊيا(NVIDIA) ۽ اوريڪل (Oracle) وچ ۾ بي مثال سهڪار سائنسي دريافتن جي نئين سرحد کي ٻيهر متعين ڪرڻ وارو آهي. اهي ٻئي ڪمپنيون گڏجي آمريڪا جي توانائي واري وزارت (DOE) سان ملڪ جو سڀ کان وڏو مصنوعي ذهانت (AI) سپر ڪمپيوٽر ٺاهي رهيون آهن، جيڪو موسم جي تبديلي کان وٺي قومي سلامتي تائين مختلف شعبي ۾ جدت کي تيز ڪندو. هي نئون سپر ڪمپيوٽر “Solstice” سڏبو، جنهن ۾ 100,000 NVIDIA Blackwell GPUs لڳايا ويندا، جڏهن ته ٻئي ساٿي مشين “Equinox” 10,000 GPUs تي ٻڌل هوندي.
ٻئي سسٽم Argonne National Laboratory ۾ نصب ڪيا ويندا ۽ NVIDIA جي تيز ترين نيٽ ورڪنگ ذريعي ڳنڍيا ويندا، جيڪي گڏجي 2,200 exaflops جي ڪارڪردگي ڏيندا. جيڪو DOE لاءِ ٺاهيل سڀ کان طاقتور AI ڍانچو هوندو. هي سپر ڪمپيوٽرز تحقيق ڪندڙن کي NVIDIA Megatron-Core لائبريري ۽ TensorRT™ سافٽ ويئر استعمال ڪندي نيون AI ۽ reasoning ماڊلز تيار ڪرڻ جي صلاحيت ڏيندا، جن کي ڪمپني “agentic AI workflows” سڏي ٿي. انهن سسٽمز جي ذريعي عوامي فنڊنگ سان هلندڙ سائنسي تحقيق ۽ دريافتن ۾ تيزي ايندي.
آمريڪا جي ٽيڪنالاجي ۾ اڳواڻي
DOE جي نئين عوامي-نجي ڀائيواري ماڊل تحت ٺاهيل Solstice ۽ Equinox، ٽرمپ انتظاميا جو اهو تازو قدم آهي، جيڪو آمريڪا جي ٽيڪنالاجي ۾اڳواڻي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي. NVIDIA جي باني ۽ CEO جينسن هوانگ چيو:
“AI اسان جي دور جي سڀ کان طاقتور ٽيڪنالاجي آهي ۽ سائنس ان جي وڏي سرحد آهي. اوريڪل سان گڏجي اسان DOE لاءِ سڀ کان وڏو سپر ڪمپيوٽر ٺاهي رهيا آهيون، جيڪو آمريڪا لاءِ دريافتن جو انجڻ بڻجندو.” توانائي جي آمريڪي سيڪريٽري ڪرس رائيٽ چيو: “AI جي ريس کٽڻ لاءِ نيون ۽ تخليقي ڀائيواريون ضروري آهن جيڪي آمريڪا جي بهترين ذهنن ۽ صنعتن کي گڏ ڪن.” Argonne ليبارٽري جي ڊائريڪٽر پال ڪيئرنز موجب: “هي نظام سائنسدانن کي توانائي، مواد سائنس ۽ ٻين وڏن قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهترين اوزار فراهم ڪندو.” Oracle جي CEO ڪلي مگويرڪ چيو: “هي ڀائيواري قومي سطح تي پيچيده مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ نئين سائنسي دريافتن کي تيز ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي.”
Quantum ۽ GPU جو ميلاپ
NVIDIA هاڻي ڪمپيوٽنگ کي Quantum دور ۾ داخل ڪري رهي آهي NVQLink™ جي ذريعي هڪ نئين کليل نظامي جوڙجڪ جيڪا GPU سپر ڪمپيوٽرن کي Quantum پروسيسرن سان ڳنڍي ٿي. هي ٽيڪنالاجي DOE جي اهم ليبارٽرين (جهڙوڪ Brookhaven، Los Alamos، Berkeley، ۽ Oak Ridge) جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي. نيويڊيا جي سي اي او، جينسن هوانگ چيو: “جلد ئي هر NVIDIA GPU سپر ڪمپيوٽر هڪ هائبرڊ هوندو، جيڪو Quantum پروسيسرن سان ڳنڍيل هوندو، ۽ ڪمپيوٽنگ جي نئين دور جي شروعات ڪندو.”
عملي AI جي عملدرآمد
ٻئي اهم ڀائيواري ۾ Palantir Technologies ۽ NVIDIA گڏجي ڪاروباري ۽ حڪومتي نظامن ۾ AI کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن. هي سهڪار Palantir جي Ontology ۽ AIP پليٽفارم کي NVIDIA جي CUDA-X ڪمپيوٽنگ ۽ Nemotron AI ماڊلز سان گڏائي ٿو. جينسن هوانگ چيو: “Palantir ۽ NVIDIA جو مقصد آهي ته AI کي عمل ۾ آڻجي، ڪاروباري ڊيٽا کي فيصلن جي ذهانت ۾ تبديل ڪيو وڃي.” Palantir جي CEO اليڪس ڪارپ چيو ته: “اسان جو مقصد آهي ته اهڙو AI فليٽ فارم مهيا ڪجي جيڪو فوري ۽ وڏو قدر پيدا ڪري.” پهرين صارفين ۾ Lowe’s به شامل آهي، جيڪو پنهنجي عالمي سپلائي چين جو ڊجيٽل ٽوئن ٺاهي رهيو آهي ته جيئن لوجسٽڪس کي بهتر ۽ گراهڪن کي وڌيڪ اطمينان ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو