نينگري سان اجتماعي زيادتي، تحقيقات جو حڪم

نينگري سان اجتماعي زيادتي، تحقيقات جو حڪم

ٽنڊو محمد خان )مظفر علي بروهي(  ملاڪاتيار  جي غريب آباد پاڙي واسي 16 سالن جي نينگري سارا ملاح سان مبينا اجتماعي لڄالٽ وارثن جي احتجاج کانپو۽  معاملي جو ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان عابد بلوچ نوٽيس وٺي ڇڏيو  ڊي ايس پي بلڙي شاھ ڪريم سيد مجاھد شاھ کي انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ايس ايچ او ملاڪاتيار منظور شورو نينگريءَ جي والد جي فرياد تي ملاڪاتيار ٿاڻي تي ھڪ پوليس اهلڪار ڪرم الله گھٽڪو سميت ٻن نامعلوم جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي نينگريءَ کي ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽنڊو محمد خان موڪليو ويو آهي جتي ان جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويندو ايف آئي آر ۾ ڄاڻايل اھلڪار ڪرم الله گھٽڪو سميت ڪا به گرفتاري عمل۾ نه آئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو