نيب چيئرمين جي پگهار ۽ مراعتون سپريم ڪورٽ جي جج برابر

نيب چيئرمين جي پگهار ۽ مراعتون سپريم ڪورٽ جي جج برابر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب چيئرمين جي ملازمت جا قاعدا ۽ ضابطا سپريم ڪورٽ جي جج برابر ڪيا ويا.قانون ۽ انصاف واري وزارت جي منظوري سان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد جي پگهار ۽ مراعتون سپريم ڪورٽ جي جج برابر هونديون. نوٽيفڪيشن موجب نيب چيئرمين کي 17 لک رپيا ماهوار پگهار، سرڪاري رهائشگاهه ۽ ٻه گاڏيون ملنديون، نيب چيئرمين اسلام آباد ۾ ٻه ڪنال جو پلاٽ حاصل ڪرڻ جو مجاز هوندو، نيب چيئرمين کي ٻه هزار يونٽ بجلي ۽ 600 ليٽر جو ماهوار پيٽرول به فراهم ڪيو ويندو.نيب چيئرمين هڪ حساس پوزيشن سان اهم ترين ذميواري انجام ڏيڻ جو پابند هوندو.نيب چيئرمين نذير احمد 6 مارچ تي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ذميواريون سنڀاليون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو