لاڙڪاڻو (عبدالوحيد ابڙو) نيب سکر جي حڪم تحت ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ڊي او آفيس انتظاميا طرفان باقراڻي تعلقي جي سمورن تعليمي ادارن جي تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جو رڪارڊ طلب ڪرڻ بعد عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو. 1996 کان2012 تائين جي حاضر سروس توڙي رٽائرڊ ٿيل ملازمن جي معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. ملازم پنهنجو رڪارڊ ڏيڻ لاءِ آفيسن جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ گڏ ڪيل معلومات مطابق تعلقه ايجوڪيشن ميل ۽ فيميل آفيس ۾ نيب لسٽ ۾ آيل اٽڪل 750 استادن ۽ نائب قاصدن ۽ چوڪيدارن جو رڪارڊ مرتب ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ رابطي ڪرڻ تي بوائز پرائمري تعلقه ايجوڪيشن آفيس جي فوڪل پرسن حسين علي ميراڻي صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڊي او آفيس لاڙڪاڻو انتظاميا اسان کان نيب لسٽ ۾ آيل باقراڻي جي بوائز پرائمري اسڪولن جي سمورن ملازمن جي انفارميشن لسٽ گهري آهي ته ملازم ڪھڙا ۽ ڪٿي آهن فوڪل پرسن وڌيڪ ٻڌايو ته نيب لسٽ ۾ آيل نالن ۾ ڪيترا ئي ملازم رٽائرڊ ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي فوت پڻ ٿي چڪا آهن. رابطو ڪرڻ تي ڊي او تعليم لاڙڪاڻو نواب علي کوکر صحافين کي ٻڌايو ته نيب سکر ٻين ضلعن وانگر لاڙڪاڻو ضلعي جي به سمورن ايجوڪيشن ميل ۽ في ميل ملازمن جي بايو ڊيٽا گھري آهي جنهن ۾ ھو جاچ ڪندا ته ملازم صحيح آهن يا نه، ڪير ڪٿي ڪم ڪري رهيو آهي.










