دادو(ن سنڌيار) دادو جي فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالحق مڱريو جي عدالت 4 ورهين جي نينگري افشان شاهاڻي سان جنسي ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي عدالت جوابدار اياز پنهور کي 25 سال عمر قيد سزا جو فيصلو ٻڌايو جوابدار اياز پنهور خلاف 2021 ۾ نينگري افشان شاهاڻي سان جنسي ڏاڍائي جو ڪيس بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو جوابدار کي سزا ٻڌائڻ بعد هٿڪڙيون لڳائي جڊيشل لاڪپ کان سينٽرل جيل حيدر آباد موڪليو ويو.










