نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري ) ڪجهه ڏينهن اڳ ابڙان ڀرسان ڳوٺ خدا بخش شاهه ۾ مال جي ڀيل تان سيد برادري پاران گوليون هڻي زخمي ڪيل نوجوان ڌنار الطاف سومرو زخمن جا سور نه سهندي اڄ نوابشاھ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان ڌنار کي 9 گوليون لڳل هيون جيڪو ڪجهه ڏينهن کان نوابشاهه اسپتال ۾ داخل هيو. نوجوان ڌنار جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال نوشهروفيروز آندو ويو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي نوجوان ڌنار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته مقتول نوجوان جي والد سالار سومري ٻڌايو ته جوابدار سندس پٽ کي بيگناهه قتل ڪري اسان سان وڏو ظلم ڪيو آهي. هوڏانهن ڊي ايس پي نوشهروفيروز ايوب درس ٻڌايو ته واقعي بعد ڌنار جي مائٽن پاڻ ڪيس داخل نه ڪرايو هو ڇاڪاڻ ته سندن علاج ڪرائڻ جي شرط تي ٺاهه ٿي ويو هو ۽ جوابدار ڌر زخمي نوجوان کي نوابشاهه علاج لاءِ کڻي وئي هئي. هاڻي نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد مقتول جي وارثن جي پهچڻ بعد ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويندو.










