اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نور مقدم قتل ڪيس ۾ مجرم ظاهر جعفر جي نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي لاءِ تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ 8 اپريل تي ملزم ظاهر جعفر جي سزا خلاف نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪندي.جسٽس صلاح الدين ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم به نور مقدم قتل ڪيس ۾ داخل ڪيل نظرثاني اپيل جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ جو حصو هوندا.










