سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري 5 ڄڻا فوت، 7 زخمي

سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري 5 ڄڻا فوت، 7 زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ اندر مختلف واقعا پيش اچڻ ڪري 5 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا آهن جنهن کي مقامي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. نئون ڪوٽ مان پيار علي نهڙيو مطابق عمران قائمخاني جي زرعي فارم تي انبن جي باغ ۾ انب جي وڻ ۾ ڳچي ۾ رسو وجهي 28 سالا ٻن پٽن جي پيءُ مولچند ولد ميوو ڪولهي مبينه خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس ماءُ باغ ۾ پيل لاش ڏسي رڙيون ڪيون جنهن تي وارثن نئون ڪوٽ پوليس کي اطلاع ڏنو نئون ڪوٽ پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش ضروري ڪارروائي لاءِ رورل هيلٿ سينٽر پهچايو. *** اوٻاوڙو مان غلام علي رند مطابق کينجھو ٿاڻي جي حد ۾ ھلندڙ شر برداري جي ٻين ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوجوان علم الدين شر  قتل ٿي پيو.

پوليس موقعي تي پھچي لاش تحويل ۾ وٺي لاش پوسٽ مارٽم  لاءِ تعلقا آفيس ڏانھن منتقل ڪيو ويو.ٻئي طرف اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ مارو والا جو رهواسي فوجي نوجوان رسول بخش چاچڙ پنھنجي دوست سان گڏ سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اچانڪ سائيڪل تان ڪرڻ ڪري مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو جوان سچو ۽ وفادار پاڪستان سان بي انتھا محبت ڪندڙ ھو. ھو سدائين ملڪ لاءِ شھيد ٿيڻ لاءِ رب پاڪ کان دعائون گھرندو ھو کين فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن کنڀڙا ٿاڻي جي حد بهارو بس اسٽاپ ڀرسان چوڪ ماڙي لنڪ روڊ تي واردات جي حوالي سان بيٺل ڌاڙيلن ۽ کنڀڙا پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏوھاري زخمي ٿي پيا جنهن کي کنڀڙا پوليس زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جنھن بعد ٻنهي ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. *** ٺاروشاهه مان اسد شاهه مطابق مڃٺ ۾ 4 ڏينھن  اڳ گھٽي مان لنگھڻ تي ملاح ۽ سھتا برادري جي جهيڙي ۾ زخمي ٿيل اسرار علي سهتو فوت ٿي ويو جنهن کي سوين آلي اکڙين سان اباڻي مقام مڃٺ ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. *** مانجهند مان مهراڻ عمراڻي مطابق ڳوٺ گرواري لنڪ روڊ  تي سڪرنڊ کان ڳوٺ گرواري ڏانهن جنس کڻڻ لاءِ ويندڙ  ٽريڪٽر ٽرالي ۾  40 ورهين جو مزدور جمال شيخ لوڏو اچڻ سبب روڊ تي ڪرڻ کان پوءِ پٿر لڳڻ جي  نتيجي ۾ موقعي تي  فوت ٿي ويو  جنهن جي لاش کي وارث بنا پوسٽ مارٽم ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جي ڳوٺ محراب پور کڻائي ويا.

*** ڏيپلو مان فرمان بجير مطابق ثقافت جي حوالي سان ٿيندڙ پروگرام ۾ وڏي آواز ۾ اسپيڪر هلائڻ تان ڪلر برادري جي ٻن ڌرين ۾  جهيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ محمد علي ڪلر ڪهاڙِن ۽ لٺيون لڳڻ ڪري سخت زخمي ٿي پيو. گهر ڀاتين زخمي کي کڻي تعلقي اسپتال ڏيپلو پهچايو زخمي جي سيريس حالت ھجڻ ڪري کين حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. *** ٺل مان عبدالنبي شيخ مطابق ڳوٺ ڇٽو ڊول وٽ بي سيڪشن پوليس جي موبائل ڪلٽي ٿي پئي گاڏي ۾ ويٺل 2 اهلڪار خاوند بخش عرف عاجز پھوڙ الياس ۽ وحيد زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو. پوليس موبائل عودي کان جونگل وڃي رهي هئي ته ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي. *** دادو مان ادل مهيسر مطابق انڊس هاءِ وي جوهي موڙ وٽ تيز رفتار ڪار جو پينو فقير پيرسن کي ٽڪر لڳڻ ڪري پيرسن سخت زخمي ٿي بيهوش ٿي ويو جنهن کي علاج لاءِ سول اسپتال دادو آندو ويو، پيرسن کي ٽڪر هڻندڙ ڪار ڊرائيور کي شهرين پڪڙي بي سيڪشن پوليس حوالي ڪيو ويو. *** گهوٽڪي مان عرفان علي سومرو مطابق ڀٽا محلا جي رهواسي 7 سالن جي نينگر محمد آفاق کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي سرڪاري اسپتال آندو ويو پر ويڪسين نه ملڻ تي نينگر جا وارث احتجاج ڪندا رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو