نوجوان نقلي نوڪرين جي اشتهارن کان بچو، آءِ ايڇ ايس

نوجوان نقلي نوڪرين جي اشتهارن کان بچو، آءِ ايڇ ايس

حيدرآباد (پ ر) انٽيگريٽيڊ هيلٿ سروسز (آءِ ايڇ ايس) پاران ويجھڙ ۾ صحت کاتي ۾ اسٽاف جي ڀرتين جو ڪوبه اشتهار ناهي ڏنو ويو. جڏهن ته ڪجھه ڏينهن کان مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن خاص طور فيس بڪ ۽ واٽس ايپ گروپن تي اسٽاف جي ڀرتين جا اشتهار گردش ڪري رهيا آهن. آءِ ايڇ ايس جي هيومن ريسورس ڊپارٽمينٽ پاران اهڙي جعلي اشتهاري مهم سان پنهنجي لاتعلقي ظاهر ڪندي سخت ڳڻتي جو اظهارڪيو آهي. اداري پاران وضاحتي بيان ۾ بيروزگار نوجوانن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته هو ٺڳن جي ڪنهن چڪر ۾ نه اچن.اداري جي ڀرتين جو اشتهار پنهنجي آفيشل ويب سائٽس وسيلي وقت به وقت جاري ڪيا ويندا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو