نوجوان مٿان تشدد، ديوان ڌر ۽ ميگهواڙ ڌر پاران هڪٻئي تي الزام

نوجوان مٿان تشدد، ديوان ڌر ۽ ميگهواڙ ڌر پاران هڪٻئي تي الزام

خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر ۾ نوجوان وجئي ڪمار ميگهواڙ مٿان تشدد وارو معاملو، ديوان ڌر ۽ ميگهواڙ ڌر پاران هڪٻئي خلاف پريس ڪانفرنس، الزام هيٺ آيل ديوان برادري بہ ميدان تي اچي وئي، هندو ديوان برادري جي ماڻهن هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي تشدد ڪرائڻ واري الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تشدد ڪرائڻ جي الزام هيٺ آيل هريش ڪمار ڪانيا، امبريش ڪمار ،موتي رام ۽ بچارام پئنچائت سميت ايس ايس ڊي حال ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ وجئي ڪمار ميگهواڙ ناري سان فحش حرڪت ڪئي جنهن تي کيس پڪڙي خانپورمهر پوليس حوالي ڪيو سين، هنن چيو ته اٽڪل هفتا اڳ مينگهواڙ ڌر جا ٻہ نوجوان هئا جن رستي ويندڙ هندو ناري سان ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، ناري جي رڙين تي نوجوان وجئي ڪمار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيوسين، جڏهن ته هڪ ٻيو موٽرسائيڪل هلائيندڙ نوجوان فرار ٿي ويو، هنن چيو ته نوجوان کي پوليس حوالي ڪرڻ بعد نوجوان جي غلطي تي ميگهواڙ ڌر جا ماڻهو اسان وٽ معافي وٺڻ آيا، جنهن کانپوءِ ميگهواڙ ڌر جي ماڻهن اسان مٿان الزام هنيو ته اسين پوليس کي پيسا ڏئي نوجوان مٿان تشدد ڪرايو آهي، ميگهواڙ برادري جي ماڻهن اسان جي خاموشي جو غلط فائدو وٺندي اسان جي خلاف واويلا شروع ڪري ڇڏي، اسان کي حراسان ڪرڻ لاءِ ميگهواڙ برادري پاران اسان جي خلاف گهوٽڪي جي عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي، ديوان برادري چيو ته ميگھواڙ برادري سان اسان جي ڪا ذاتي دشمني نه پر اسان سان زيادتي ٿي آهي، اسان نوجوان کي پوليس حوالي ڪيو سين ۽ پوليس کي ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاءِ به چيو سين پر پوليس اسان جي ايف آء آر داخل نه ڪئي، نوجوان مٿان تشدد ڪنهن ڪيو آهي ان بابت اسان کي ڪا به ڄاڻ نه آهي، هنن چيو ته ناري سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ وارا وڊيو جي صورت ۾ ثبوت موجود آهن جيڪي ايس ايس پي گهوٽڪي وٽ پڻ پيش ڪيا آهن، ديوان برادري جو چوڻ هو ته تشدد ڪرائڻ وارا الزام بي بنياد آهن، پنهنجي شهر جي نياڻين جي حفاظت اسين نہ ڪنداسين تہ ٻيو ڪير ڪندو،معاملي کي دٻائڻ لاءِ ميگهواڙ برادري ڪوڙو ڊرامو رچايو آهي پر اسين انصاف لاءِ سپريم ڪورٽ تائين وينداسين، هوڏانهن ديوان ڌر کانپوءِ تشدد جو شڪار نوجوان وجئي ڪمار مينگهواڙ جي وارثن توڙي مينگهواڙ ڌر جي ماڻهن لال چند مينگهواڙ، اشوڪ ڪمار، گرمکداس ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي ديوان ڌر مٿان سنگين الزام مڙهيا، سندن چوڻ هو ته خانپورمهر ٿاڻي تي جڏهن وجئي ڪمار کي پهچايو ويو تہ ان دوران بااثر بچا رام، امبريش ڪمار، هريش ڪمار ۽ موتي رام ظلم جي انتها ڪئي،بااثر بچا رام ٿاڻي تي بہ پنهنجي عدالت لڳائي هٿڪڙيون لڳل وجئي کان ايس ايڇ او بڻجي سوال ڪري ٿو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم هوندو، ميگهواڙ ڌر جي ماڻهن وڌيڪ چيو ته وجئي ڪمار مٿان بااثر ديوانن پئسن عيوض پاڻ ويهي بدترين تشدد ڪرايو آهي جنهن جا اکين ڏٺا بہ شاهد آهن،هِن وقت بہ وجئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي اڃان بہ ڪيتريون ئي ٽيسٽون رهيل آهن، وجئي کي انصاف نہ ملڻ تائين خاموش نہ وينداسين،هنن چيو ته اسان سان ظلم ٿيو آهي وجئي کي بااثر سيٺين ٿاڻي تي ويهي تشدد ڪرايو آهي الٽو وري اسان جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪري اسان کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،مينگهواڙ ڌر جي ماڻهن وڌيڪ چيو ته بااثر سيٺين اسان جي نوجوان وجئي ڪمار مٿان تشدد ڪرائڻ کانپوءِ تشدد جو ڏوھ پڻ قبوليو ۽ 50 هزار رپيا لالچ ڏئي اسان کي خاموش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا رقم اسان واپس ڪري ڇڏي، هنن مطالبو ڪيو ته وجئي ڪمار مينگهواڙ مٿان تشدد ڪرائيندڙ بااثر جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسين عدالت ۾ انصاف جي اميد رکون ٿا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو