دادو(ن سنڌيار) دادو ڀرسان ڳوٺ ڪيٽي جتوئي ۾ هڪ هفتو اڳ قتل ٿيل نوجوان گل محمد ميتلو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف عورتن ۽ معصوم ٻارن دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،ان موقعي تي مظاهرين علي حسن،حسينه،غلام قادر ميتلو، حرمت، رضيه ۽ ٻين دانهيو ته هڪ هفتو اڳ ڪچي جي علائقي ڪيٽي جتوئي ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت گل محمد پٽ نور محمد ميتلو کي هٿياربندن گوليو هڻي قتل ڪيو هو،جنهن جو ڪيس حد جي ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پوليس ٽن جوابدارن مشعل الله ميتلو،ياسين ميتلو،وسايو ميتلو کي گرفتار ڪيو آهي پر مک جوابدار نثار ميتلو کي گرفتار نه پئي ڪري،جوابدار ڪيس تان هٿ کرائڻ لاء موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،هنن چيو ته اسان غريب آهيون ۽ جوابدار بااثر آهن جنهن ڪري اسان جي زندگين کي خطرو آهي، مظاهرين آء جي سنڌ،حيدرآباد،ڊي آء جي حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪري تحفظ ڏنو وڃي،










