نوازشريف جي آجيان جون تياريون شروع، تاريخ جو اعلان مريم ڪندي

نوازشريف جي آجيان جون تياريون شروع، تاريخ جو اعلان مريم ڪندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) (ن) ليگ جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف جي ڏيهه ورڻ تي استقبال جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن شاندار استقبال جو ٽاسڪ چيف آرگنائيزر مريم نواز کي ڏنو ويو جيڪا سڄي ملڪ مان ايندڙ استقبال جي ريلين جي پاڻ نگراني ڪندي. پارٽي ذريعن موجب ميان محمد نوازشريف جي ڏيهه ورڻ جا امڪان وڌي ويا آهن ۽ ان ڏس ۾ (ن) ليگ ان جي استقبال جون تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي مريم نواز سمورن ڊويزنل صدرن، جنرل سيڪريٽريز، سمورن سٽي صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز، يونين ڪائونسل صدرن ۽ جنرل سيڪريٽريز کي پيغام جاري ڪري ڇڏيو اهي جڏهن ته سمورا موجوده قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻا صوبائي اسيمبلي ميمبر، اڳونڻ مڪاني نمائندن ۽ ٽڪيٽ هولڊرز کي به تياريون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي مريم نواز سڄي ملڪ مان ايندڙ ريلين جي پاڻ نگراني ڪندي. نوازشريف جي ڏيهه ورڻ جي تاريخ جو باقاعدي اعلان مريم نواز پاڻ پرهجوم پريس ڪانفرنس ۾ ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو