اسلام آباد (اياز مهر) ميان نواز شريف حڪومتي شرط تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي انهن کي غير قانوني قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته جڏهن عدالت پاران مقرر ڪيل ضمانتي بانڊ جمع ڪرايا آهن ته پوءِ حڪومتي بانڊ ڇو جمع ڪرايون؟. هو پنهنجي وڪيلن سان مشورو ڪري رهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ سان ٻيهر رابطو ڪن. هوڏانهن ڪالهه رات ساڍي نائين کان 11 وڳي تائين قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم جي سربراهي ۾ ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪو فيصلو ٿي نه سگهيون ۽ هن چيو ته هو اربع تي ڪابينا کي بريف ڪندو. جڏهن کائنس پڇيو ويو ته عدالتن ۾ ضمانتي بانڊ جمع ڪرائڻ بعد حڪومت ڪهڙي قانون هيٺ بناڊ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو آهي ته هن ڪو جواب نه ڏنو. ان کان اڳ وفاقي وزير شيخ رشيد موجب وفاقي ڪابينا اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ضمانتي بانڊ جمع ڪرائڻ جي شرط تي پرڏيهه علاج لاءِ وڃڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ جيترو عدالت مٿس ڏنڊ هنيو هو اوتري رقم جو هو ضمانتي بانڊ جمع ڪرائيندو. ياد رهي ته عدالت هن تي تقريبا 5 ارب روپين جو جرمانو ڪيو هو ۽ ان رقم برابر هو ملڪيت جا ڪاغذ جمع ڪرائيندو. قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته علاج بعد واپس وطن نه اچڻ جي صورت ۾ سندس اها ملڪيت ضبط ڪئي ويندي.

ڪابينا جي اجلاس بابت بريفنگ ڏيندي عاشق فردوس اعواڻ صحافين کي ٻڌايو ته قانون واري وزير ڪابينا کي بريف ڪيو جنهن بعد وزيراعظم نواز شريف کي پرڏيهه مان علاج جي اجازت ڏيڻ بابت راءِ ورتي 5 ڪلاڪن جي بحث بعد ڪجهه وزيرن مخالفت ڪئي پر 85 کان 90 سيڪڙو وزيرن ان جي حمايت ڪئي. هن ٻڌايو ته ان ڳالهه تي سڀني ۾ اتفاق هو ته اجازت هڪ دفعي جي هوندي، مخصوص مدت لاءِ هوندي ۽ عدالتن پاران لڳايل ڏنڊ جي برابرهو ضمانت ڏيندو. هن چيو ته انساني همدردي جي بنياد تي حڪومت اجازت ڏني آهي ڪا به ڊيل ناهي ۽ اهڙو تاثر غلط آهي. هوڏانهن مريم اورنگزيب چيو ته غير ضروري ڪاغذ تي صحيح نه ڪئي ويندي. ان کان اڳ قانون واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميان شهباز شريف جو نمائندو به پيش ٿيو جنهن کي ضمانتي بانڊ جمع ڪرائڻ لاءِ چيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ رات 9 وڳي ان ڪميٽي جو بيهر اجلاس ٿيندو جنهن ۾ وڌيڪ فيصلو ٿيندو. نوازشريف جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان ۽ شهباز شريف جو نمائندو عطار تارڙڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا هئا. ڪميٽي کي سيڪريٽري صحت ۽ سربراهه کي ميڊيڪل بورڊ نوازشريف جي صحت بابت تفصيلي بريفنگ ڏئي. واضح رهي ته ڪالهه قومي احتساب بيورو (نيب) پاران وزارت خارجه ڏانهن خط لکي آگاهه ڪيو ويو ته نوازشريف جي اي سي ايل مان نالو خارج ڪرڻ جو فيصلو حڪومت پاڻ ڪري جنهن کان پوءِ اڄ ڪابينا مشروط منظوري ڏئي ڇڏي.










