واشنگٽن(ڊيسڪ رپورٽ) پاڪستان جي وزيراغظم عمران خان چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ آڏو پاڪستان جو ڪيس رکندس ۽ پاڪستانين کي هن آڏو شرمندو ٿين نه ڏيندس. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ پاڪستانين جي وڏي ميڙاڪي کي طخاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڪرپشن سبب ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، چين، آمريڪا، سعودي عرب. قطر جتي وڃان ٿو سڀ ڇون ٿا پاڪستان ۾ ڪرپشن آهي سيڙپڪاري نه ڪنداسين. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري 10 سالن ۾ پاڪستان کي 6000 ارب مان 30هزار ارب جو قرضي ڪري ڇڏيو. هنن ملڪي دولت لٽي آهي، ٻنهي کي تيسين جيل ۾ رکندس جيسين پئسا واپس نه ڪند. هن چيو ته ٻنهي کي جيل ۾ مليل ٽي وي ۽ ايئرڪنديشنڊ به پاپس وٺان ٿو. هن چيو ته ميرٽ کانسواءِ اڳتي نٿو نڪري سگهجي، تعليمي نظام به بهتر ڪرڻو آهي جيئن غريب طبقو اڳتي نڪري. هن چيو ته خانداني سياست طتم ڪرڻ کانسواءِ هيڍين طبقي جا ماڻهو مٿي نه اچي سگهندا. هن آسٽريليا جي ڪرڪٽ جو مثال ڏنو ۽ چيو ته ميرٽ سبب هو دنيا ۾ سڀني کان اڳتي آهن، پاڪستان ۾ ڪرڪٽ جو ٽيلنٽ آهي پر ميرٽ ناهي ان کي ٺيڪ ڪنداسين. وزيراعظم سان شاهه محمود قريشي، حفيظ شيخ، رزاق دائود ۽ زلفي بخاري گڏ آهن. ان کان اڳ هن ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ڪئي. جن ۾ ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ پاڪستان ڄائي واپاري ۽ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي ميمبر طاهر جاويد ۽ آمريڪي بزنس مين جاويد انور شامل هئا. هنن پاڪستان ۾ سياحت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي. وزيراعظم اڄ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات ڪندو ۽ آرمي ڇيف به ملاقات ۾ ساڻس گڏ هوندو.










