ننڍا پارڪ کولڻ ۽ ڪڻڪ ذخيرن خلاف ڪاروائي جو فيصلو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ننڍا پارڪس کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو آهي ته پاڙن ۾ موجود پارڪس، پبلڪ گارڊن، واڪنگ ٽريڪس ۽ ٻين ننڍن پارڪس ۾ وڃڻ تي ڪا به پابندي ناهي، شهري ايس او پيز تحت پارڪس ۾ وڃي سگهن ٿا، جڏهن ته واٽر پارڪس سميت وڏا ۽ تفريحي پارڪس بدستور بند رهندا. اهڙو فيصلو سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪابينا ميٽرڪ، انٽر ۽ ڊپلوما جا سرٽيفڪيٽس بنا امتحان جي جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ورڪرز ڪمپنسيشن ۽ سنڌ اِنفارميشن ڪميشن جي رولز ۾ ترميم جي به منظوري ڏني، ڪابينا ايڪسپو فيلڊ سينٽر ۽ 150 بيڊز تي ٻڌل هاءِ ڊپينڊنسي يونٽ لاءِ خرچ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ڪابينا وفاقي حڪومت جي هدايت تي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ موڪلڻ واري معاملي تي فيصلو ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري چيو آهي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جا اگهه وڌڻ سبب سنڌ جي ڪڻڪ ٻين صوبن ڏانهن وڃي رهي آهي، صوبي ۾ ڪڻڪ جو گهربل ذخيرو موجود آهي ۽ رات کان ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪبو، وڏي وزير طرفان ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڪابينا جي اجلاس ۾ گاڏين جي رجسٽريشن لاءِ سيڪيورٽي فيچرز واري نمبر پليٽ جنهن تي قائد اعظم جي مزار ۽ اجرڪ جو تصويرون آهن، انهن جي منظور ڏني وئي. گاڏين جي رجسٽريشن بڪ بدران سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو