ننڊ پيل عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بُزدلي آهي؛ اصغر رند

ننڊ پيل عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ بُزدلي آهي؛ اصغر رند

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) پ پ پ اڳواڻ ۽ رند برادري جي نيڪ مردن جو ڪافلو  رئيس علي اصغر رند ۽ رئيس ايوب خان رند جي اڳواڻي ۾ رند ھائوس سڪرنڊ مان روانو ٿيو جيڪي  ڀٽ شاھ پھچي رند برادري جي 6 ڄڻن  جي بيدردي سان قتل ٿيلن جي  پونئيرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي مڊياسان ڳالھائيندي علي اصغر رند چيو ته اسان رند ھڪ پر امن قوم آھيون اسان جي برادري جي ماڻھن سان وڏو ڪيس ڪيو ويو آھي. ھن چيو ته قاتل ايترا بزدل ھئا جن ننڊ ۾ ستل عورتن  ۽ ٻارن مٿان ھٿيارن جا منھن کولي بي گناھ مردن ۽ عورتن کي شھيد ڪيو اسان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪيون ٿا ۽ اسان مطالبو ٿا ڪيون ته بيگناھ شھيد ٿيلن سان انصاف ڪيو وڃي. اسان وزير اعليٰ سنڌ، آئي جي سنڌ ۽ ايس ايس پي مٽياري کان پر زور مطالبو ٿا ڪيون ته جلد از جلد قاتل گرفتار ڪري انھن کي سخت سزا ڏني وڃي. قافلي ۾ عبدالستار رند، غلام سرور رند، محمد سومر مڪراني، نور حسين رند سميت ڪيترائي رند برادري جا ماڻھون پڻ شامل ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو