نديم افضل چن ٻيهر پي پي ۾ شامل، بلاول پاران ويلڪم

نديم افضل چن ٻيهر پي پي ۾ شامل، بلاول پاران ويلڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو جوهر ٽائون لاهور ۾ نديم افضل چن جي گهر پهچي ويو جتي تحريڪ انصاف کي ڇڏي واپس پيپلز پارٽي ۾شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو. نديم افضل چيو ته مان شروع کان جيئي ڀٽو وارو رهيو آهيان ۽ جڏهن عمران خان منهنجي گهر آيو هو ته هن کي به چيو هئم ته مان ڪالهه به ڀٽو وارو هئم اڄ به ڀٽو وارو آهيان. منهنجو پي پي کي ڇڏڻ جو فيصلو غلط هو، جيڪي دوست پي پي ڇڏي پي ٽي آءِ ۾ ويا اهي سڀ پڇتائن ٿا. ان موقعي تي بلاول ڀٽو کيس ويلڪم ڪندي چيو ته مان سڀني پراڻن ڪارڪنن کي اپيل ٿو ڪريان ته هو واپس شهيد ڀٽو جي پارٽي ۾ واپس اچن اسين سڀني کي ويلڪم ڪنداسين. ياد رهي ته نديم افضل چن سرگوڌا مان اڳ ۾ پيپلزپارٽي جو ايم اين اي رهيو، 2018 جي چونڊ هارائڻ بعد هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هو ۽ وزيراعظم عمران خان جو ترجمان مقرر ٿيو هو. ڪجهه مهينا اڳ هن پي ٽي آءِ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو