نجڪاري خلاف مزدورن جي ڪم ڇڏ هڙتال ۽ ڌرڻو

نجڪاري خلاف مزدورن جي ڪم ڇڏ هڙتال ۽ ڌرڻو

ڪشمور (رپورٽ جي ايم کوسو )واپڊا ھائيڊرو يونين پاران گڊو پاور ھائوس جي 747 ميگاواٽ واري منافعي ۾هلندڙ يونٽ جي نجڪاري ڪرڻ خلاف سوين مزدورن ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ڌرڻو هنيو. واپڊا ھائيڊرو يونين جي مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندي چيو ته 747 ميگاواٽ ھڪ منافع بخش ادارو آهي اسان نجڪاري ڪرڻ جي خلاف آھيون سامراجي قوتون ھڪ منافع بخش اداري کي پرائيوٽ ڪرڻ لاءِ آتيون آهن جيڪو سمجھه کان ٻاھر آھي. ھن چيو ته اسان سر سان ڪفن ٻڌي نڪتا آهون ڪنهن به قيمت تي نجڪاري ڪرڻ نه ڏينداسين. ھائيڊرو يونين جي اڳواڻن مزدورن کي خطاب ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت کي ايترو شوق آهي ته  گڊو پاور ھائوس جاڪيترائي يونٽ بند آھن انھن کي پرائيويٽائيز ڪري. ھنن چيو ته وفاقي حڪومت فيصلو نه بدلايو ته اسان اسلام آباد طرفان لانگ مارچ ڪنداسون.

پهنجو تبصرو موڪليو