ڪراچي (نيوز ڊيسڪ): پاڪستان ٽي وي انڊسٽريءَ جي مشهور ۽ معروف اداڪار علي رضا جو والد ناگهاني طور تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي.اداڪار علي رضا پنهنجي والد جي انتقال جي خبر مداحن سان انسٽاگرام اسٽوريءَ ذريعي شيئر ڪئي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ قرآن پاڪ جي آيت لکندي چيو ته بيشڪ اسان سڀني کي الله جي بارگاهه ۾ موٽي وڃڻو آهي. اداڪار ٻڌايو ته سندس والد جو اچانڪ لاڏاڻو ٿيو آهي ۽ هن پنهنجي سمورن مداحن ۽ چاهيندڙن کان والد جي مغفرت ۽ درجات جي بلنديءَ لاءِ دعائن جي اپيل ڪئي آهي.










