ناليواري ڪهاڻيڪار، اديب، ليکڪ نجم عباسي جي ورسي ملهائي وئي

ناليواري ڪهاڻيڪار، اديب، ليکڪ نجم عباسي جي ورسي ملهائي وئي

خانواھڻ (عاجز امتياز)سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ طرفان سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار، اديب شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي جي ورسي تقريب  ڪوٺائي وئي جنهن جي صدارت سينئر شاعر ۽ صحافي عاجز امتياز نوح پوٽو ڪئي. تقريب جا مهمان خاص ساس شاخ خانواهڻ جو سيڪريٽري پروفيسر ذوالفقار علي جلباڻي ۽ بزرگ شاعر شوق خانواهڻي هئا ۽ تقريب جا اعزازي مهمان نوجوان شاعر نديم انڙ ۽ سينئر ڪهاڻيڪار سرمد عباسي هئا. ان موقعي تي مقررين خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر نجم عباسي جو وڇوڙو نه صرف سندس پونئيرن لاءِ ڏک ۽ غم جو فسانو آهي بلڪ سڄي سنڌ لاءِ سانحو ۽ سنڌي ادب ۾ اونهو خال آهي، ڊاڪٽر نجم عباسي  سنڌ جي ساهتي پرڳڻي نوشهرو فيروز جي شھر خانواهڻ جو هڪ بيباڪ ۽ عظيم ليکڪ هو ۽ سندس علمي ادبي لازوال خدمتون آهن.

هنن چيو ته ڊاڪٽر نجم عباسي جو قلم انَ مهل به نه ٿڪو جڏهن مٿس فالج جو حملو ٿيو يا دهشتگردن کيس سندس حيدرآباد واري گهر مان زوريءَ لڏائي مٿس ظلم جي انتها ڪري ڇڏي اهڙا ماڻهون صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. ڊاڪٽر نجم عباسي ھڪ ٻئي پٺيان ڪاڳر تي لهر، پٿر تي ليڪو، پهاڙن ۾ پڪار، ناچڻي وغيره جهڙا ڪتاب لکي سنڌ جي حلالي پُٽَ ھُئَڻ جو ثبوت ڏنو. ڊاڪٽر نجم عباسي ٽيهن جي لڳ ڀڳ ڪتاب تخليق ڪيا جن ۾ هڪ ڪتاب شاعريءَ جو به آهي ان کان سواءِ سندس جا ترجما به آهن. مشاعري واري نشست ۾ ڏات ڌڻين عزيز ڀنڊ، غفور سحر، مسرور الطاف نوح پوٽو، ڪامران سهتو، سفير ساجد خشڪ ۽ ٻين  شاعري ذريعي ڊاڪٽر صاحب کي ڀيٽا پيش ڪئي.تقريب ۾ محرم علي کوکر، ازڪار علي ڪونڌر، پرويز حسين ڀنڊ ۽ ٻين صحافين ۽ اديبن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو