نئون ڪوٽ (ن سنڌيار) نئون ڪوٽ جي مين ڪاروباري مرڪز سنتوروبازا جي مين روڊ ڀرسان روڊ تي بيهندڙ برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاءِ هڪ ڪروڙ جي لاڳت سان تعمير ٿيندڙ نالو غير معياري مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڊهي پيو ان سلسلي ۾واپارين شهديو ڪمار شڪيل قائمخاني رئيس جاويد قائم خاني سيٺ گھنشام صحافين کي ٻڌايو ته برساتون پوڻ ڪري برساتي پاڻي مين روڊ تي بيه رهندو هو جنهن ڪري اسان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿيندو هو ايم پي اي رميش ڪمار وانڪواڻي جي هڪ ڪروڙ رپين جي ڏنل اسڪيم کي ٺيڪيدار ۽انجنيئرجي مبينه ملي ڀگت سان ناڪام ڪيو ويو آهي ٺهندڙ نالي ۾هلڪو سيمنٽ نالي ماتر استعمال ڪري اسڪيم کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي معمولي برسات سبب ٺهندڙ نالو اڃان مڪمل ئي نه ٿيو آهي ته ديوارو ڪري پيون آهن نالي جو ڪم سست رفتاري سان ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري اسان جو ڪاروبار ٻن مهينن کان متاثر آهي نالي جو ڪم جيڪو ڪيو ويو آهي سو به غير معياري آهي هنن اعلي اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نالي جي تعميراتي ڪم جي مڪمل جانچ ڪري ڪرپشن ۾ملوث ٺيڪيدار ۽انجنيئر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي










