ناقص زرعي دوائون، ڪمند جو تيار فصل سڪڻ لڳو

ناقص زرعي دوائون، ڪمند جو تيار فصل سڪڻ لڳو

شاهپور جهانيان (اسد جاني) شاهپور جهانيان ۽ ڀرپاسي ڪمند جو فصل بيمارين جي ڪري سڪڻ لڳو ، فصل کي ڪاپاري ڌڪ ، ڪروڙين روپين جو نقصان ، زرعي دوائون بي لاڀ بڻيل ، نقلي دوائن ٽڪي جو اثر نه ڪيو ، آبادگارن پريشان ٿي ويا. شاهپور جهانيان ، گچيرو پراڻو ، بنگل بڙدي ، ارگو ٻگهيو ، عرض محمد لغاري ، عمر سيٺر ، ڏوڌيجا ، سومر ماڇي ، مزار بڙدي ، ماڙي ، ملو اسماعيل ٻگهيو ، ڪريم بخش ماڇي ، دين محمد آرائين ، فتح علي پنهور توڙي ٻين ڳوٺن جي آسپاس هزارين ايڪڙن تي ڪاهيل ڪمند جي پوک کي مختلف بيماريون وڪوڙي ويون ، ڪمند جا ٻوڙا سڪڻ لڳا ، آبادگارن پاران زرعي ڪمپنين جي دوائن تي لکين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود فصل کي ٽڪي جو فائدو نه پيو آهي ، جنهن ڪري علائقي ۾ هلندڙ سال ڪمند جي پوک جي شديد کوٽ سبب کنڊ مهانگي ٿيڻ جو انديشو آهي ۽ آبادگارن کي پڻ ڪروڙين روپين جو نقصان پوندو ، آبادگارن پاران فصل کي جيت مار ، گند گاهه ۽ ٻيون ڪيتريون ئي دوائون لڳايون ويون آهن ، پر تنهن هوندي ۾ فصل ڏينهون ڏينهن سڪي رهيو آهي ، آبادگارن عبدالفتاح ٻگهيو ، غلام حيدر بڙدي ، محمد يوسف آرائين ، عزيزالله ڀٽي ، ڪرم الله ٻگهيو ، غلام محمد ماڇي ۽ ٻين زرعي ڪمپنين جي نقلي دوائن جو نوٽيس وٺي نقصان جي ازالي جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو