نادرا جو هڪ مهيني ۾ جنس مٽائڻ وارو رول 13 ون ختم ڪرڻ جو فيصلو

نادرا جو هڪ مهيني ۾ جنس مٽائڻ وارو رول 13 ون ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي وڪيل ٻڌايو آهي ته نادرا هڪ مهيني تائين جنس مٽائڻ وارو رول 13- ون ختم ڪري رهيو آهي جنهن تي چيئرمين نادرا صحيحون ڪري چڪو آهي هن اها ڳالهه وفاقي شرعي عدالت ۾ ٽرانس جيندر ايمٽ 2018 ڪيس جي ٻڌڻي دوران ٻڌائي نادرا جي وڪيل چيو ته معاملي کي ايندڙ بورڊ اجلاس ۾ منظوري ملي ويندي ڪوشش ڪنداسين ته هڪ مهيني ۾ بورڊ کان منطوري ورتي وڃي جسٽس قاسم شيخ چيو ته اجلاس جو ايجنڊا ۽ ميٽنگ منٽس جو جائزو وٺي ڏسنداسين ٻڌڻي ۾ انساني هقن بابت وزارت جي وڪيل عدالت کي آگاههڪيو ته وزارتن کي شريعت ڪورٽ جو آرڊر اماڻيو ويو هو جنهن تي 5 کان 5 وزارتن جو جواب آيو آهي هن چيو ته انهن جوابن مطابق انساني هقن واري وزارت ۾ ڪوئي ٽرانس جينڊر ملازم نه آهي باقي سڀني ادارن کي اسان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ رمائيندر اماڻيا آهن جسٽس قاسم شيخ چيو ته رمائينڊرن تي رمائينڊر اماڻيو رهيا آهيو ڇا ڪوئي عملدرآمد به ڪرائڻو آهي. وڪيل ڪامران مرتصيٰ عدالت کي تجويز ڏني ته صوبن کي به نوٽيس جاري ڪريو ته جيئن صوبا به اوهان جي سامهون پيش ٿين وقتي چيف جسٽس شريعت ڪورٽ تجويز رد ڪندي چيو ته ٽرانس جينڊر ايڪٽ وفاق جو آهي اڃا صوبن جي ضرورت نه آهي سينيٽر مشتاق احمد جي پيروي ڪندڙ وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڪيس ۾ کوڙ ساريون درخواستون داخل ٿيون آهن جينڊر ۽ صنف هڪ ئي شئي آهي هن چيو ته قرآن ۽ سنت ۾ ڪوئي فرق نه آهي ڇا قرآن ۽ سنت جنس جي تبديلي ڪندا. هن چيو ته مرد ۽ عورت جو دائرو الڳ الڳ واضح ڪيو ويو آهي جنس ۽ صنف جو تعين علامتون ئي آهن يا ڪائي ٻي به آهي، قانوني ۽ شرعي طور تي ڏسڻو پوندو ته ڇا ڪوئي خود پنهنجي جنس جو تعين ڪري سگهي ٿو عمران شفيق وڌيڪ چيو ته ايڪٽ ۾ ٽرانس جيندڊر جو لفظ آهي پر ان جي ڪائي تشريح ناهي ڪئي دليل جاري رکندي هن چيو ته ايڪٽ ۾ رڳو ٽرانس جينڊر فرد جي وصف ڪئي وئي آهي ته ٽرانس جيڊر اهو آهي جيڪو ٻنهي صنف جو مالڪ هجي ايڪٽ تحت ڪنهن به ٽرانس جينڊر کي اختيار هوندو ته هو پاڻ مرادو پنهنجي صنف جو فيصلو ڪري سگهي جڏهن ته قرآن ۽ سنت ۾ پاڻمرادو صنف جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نه آهي هن چيو ته اسلام ۾ انٽرسيڪس جو تعين ڪيو ويو آهي اسلام صنف جي واضح علامتن جي بنياد تي مرد ۽ عورت جي ڪئٽيگري رکي ٿو پاڻ مرادو صنف جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار نه هئڻ گهرجي هن چيو ته عالمي قانون به پاڻمرادو صنف جو فيصلو ڪرڻ جوا ختيار نٿو ڏي سينيٽر مشتاق احمد عدالت ۾ چيو ته ٽرانس جينڊر ايڪٽ ۾ پهرين ترميم مان جمع ڪرائي هئي جنهن کان پو3 ٻين سينيٽر ترميمون جمع ڪرايون هن ٻڌايو ته هاڻي مان هڪ نئون بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو آهي جنهن کي جائزي لا3 ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي ڪميٽي چيو ته اوهان پنهنجي نئين بل جي ڪاپي ڇڏيو نديم ڪشڪش چيو ته اسان لاءِ بل ۾ ٽين جنس جو لفظ شامل ڪيو وڃي جيڪو سپريم ڪورٽ ڏنو هو شاهانه عباس 2017 کان پوءِ اسان حج تي نٿاوڃي سگهون منهنجو پهريون ڪارڊ مرد جي بنياد تي ٺهيو هو شاهانه عباس چيو ته هاڻي منهنجي آئي ڊي ڪارڊ تي ايڪس لکيل آهي عجنهن سبب حج تي نٿا وڃي سگهون ايڪٽ کان پوءِ اسان ڪنهن عرب ملڪن ۾ نٿا وڃي سگهون. اوريا مقبول جان چيو ته مان پنهنجا لکت دليل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن جماعت اسلامي جي وڪيل ڪامران مرتصيٰ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجا دليل ڏيندس. اهڙو تاٿر نٿا ڏيڻ چاهيون ته اسان حقن جي خلاف آهيون جنهن کان پوءِ وفاقي شرعي عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو