اسلام آباد(م ڊ)ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي ڪابينا ۾ اطلاعات جو قلمدان ۽ مريم اورنگزيب کي سڌ سماءَ جو قلمدان ڏيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف اڄ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ وفاقي ڪابينا ۾ شموليت بابت فيصلو ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا جا نالا اڄ فائنل ڪيا ويندا ۽ اڄ رات تائين ڪابينا جو اعلان ڪيو ويندو.،، نئين ڪابينا جِي جوڙ جڪ لاءِ وزير اعظم شهباز شريف جِي اتحادين سان مشاورت جاري آهي، بلاول ڀٽو زرداري کي پرڏيهي وزير بڻائڻ تي غور، راڻا ثناءُ الله کي گهرو وزير ۽ مريم اورنگزيب کي سُڌ سماءَ واري وزارت جو قلمدان ملڻ جا امڪان آهين ذريعن موجب نون ليگ کي 12، پيپلز پارٽي کي 7، جي يو آءِ کي 4 ۽ ايم ڪيو ايم کي 2 وزارتون ملنديون، جڏهن ته محسن داوڙ، اسلم ڀوتاڻي ۽ طارق چيمه کي به وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي اسپيڪر لاءِ نويد قمر جي نالي تي غور ويچار ڪيو پيو وڃي، سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جِي تبديلي تي به مشاورت ڪئي پئي وڃي، اڄ رات تائين وفاقي ڪابينا جي اعلان جو امڪان آهي،، نئين چونڊيل وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف ڪابينا جي جوڙجڪ جي لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف اتحادي پارٽين کي گڏ کڻي هلڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ وزيراعظم اڄ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻين وٽ پاڻ هلي ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم وزيراعظم پنهنجي اتحادي اڳواڻن کي پي ايم هائوس گهرائڻ جي بجاءِ انهن وٽ پاڻ وڃن جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم پيپلز پارٽي، جي يو آءِ(ف) ايم ڪيو ايم ۽ ٻين اتحادي پارتين جي ميمبرن کي ڪابينه ۾ شامل ڪندو. وزيراعظم اتحادي اڳواڻن وٽ وڃي انهن جو ٿورو ادا ڪندو ۽ کين پي ايم هائوس اچڻ جي دعوت به ڏيندو.










