لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿيل تقريب ۾ پنجاب جي گورنر بليغ الرحمان حمزه شهباز کان عهدي جو حلف ورتو. پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير جي حلف برداري کانپوءِ مسلم ليگ ن ۽ پ پ ڪارڪنن پنهنجي پنهنجي پارٽين جي حق ۾ نعرا هنيا.










