لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) پنجاب اسيمبلي کي ٽوڙڻ کان بچائڻ لاءِ ٻه آپشن استعمال ڪرڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ گورنر پنجاب وڏي وزير پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ طلب ڪندو ۽ ان ئي ڏينهن بي اعتمادي جي رٿ پڻ پيش ڪئي ويندي.واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.










