مڙس جي قتل کي ڌاڙي جو رنگ ڏيندڙ زال جي ڪوشش ناڪام

مڙس جي قتل کي ڌاڙي جو رنگ ڏيندڙ زال جي ڪوشش ناڪام

سکر:(ن س) سکر پوليس جي اهم ڪاروائي عارف بلڊر لڳ ٿيل قتل واقعي جو 24 ڪلاڪن ۾ ڊراپ سين مقتول جي قتل ۾ سندس گهرواري شامل عاشق سان گڏجي قتل جو منصوبو ٺاهيو،قاتل گرفتار قتل جو اعتراف ڪري ورتو۔ پوليس جوابدار الماس جي گرفتاري لاء ليڊيز پوليس جي ٽيم رواني ڪري ڇڏي۔ايس ايس پي سکر پاران قاتل کي گرفتار ڪندڙ پوليس ٽيم کي شاباسي ڏني.تفصيل موجب سکر جي ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد عارف بلڊر لڳ هڪ ڏينهن اڳ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان يامين عرف جامي انڍهڙ کي پلاننگ تحت قتل ڪرڻ واري قاتل جي انڪشاف ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو ان ڏس ۾ سکر پوليس ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته گذريل ڏينهن عارف بلڊر لڳ ڦر دوران مزاحمت تي نوجوان يامين عرف جامي انڍهڙ جي قتل جو ڊراپ سين سکر پوليس جديد ٽيڪنالوجي ذريعي قاتل کي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪري مامرو حل ڪري ورتو. قتل جي مک جوابدار شاھ رخ انڍهڙ کي گهوٽڪي مان گرفتار ڪري ورتو آھي قاتل کان هٿيار به هٿ ڪيو ويو آھي قاتل ڏوھ جو اعتراف ڪيو آھي جوابدار شاھ رخ قتل جو اعتراف ڪندي مقتول جي گهر واري کي پلاننگ ۾ شامل هجڻ واري بيان تي مقتول جي گهرواري کي گرفتار ڪرڻ لاء وومين پوليس کي ٽيم ۾ شامل ڪري گرفتاري لاء روانو ڪيو ويو آھي جڏهن ته قتل مامري کي 24 ڪلاڪن ۾ حل ڪرڻ تي ايس ايس پي سکر سنگهار علي ملڪ شاباسي ڏني آھي۔هوڏانهن گرفتار جوابدار شاھ رخ انڍهڙ وڊيو بيان ۾ انڪشاف ڪيو آھي ته مقتول جامي انڍهڙ جي گهر واري الماس سان مهنجا شادي کان اڳ ناجائز تعلقات هئا الماس ۽ مان جامي کي قتل ڪرڻ جي پلاننگ ڪئي هئي واقعي واري ڏينهن پلاننگ تحت مقتول ڪار ۾ گهرواري سان گڏ ريورسٽي اسپتال کان گهر طرف اچي رهيو هو ته عارف بلڊر لڳ الماس الٽي اچڻ جو بهانو بڻائي ڪار کي روڪايو موقعو ڏسي جامي کي پسٽل ڏيکاري الماس کان سونا زيور ڦر جو ڊرامو ڪيو.مزاحمت تي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ۽ الماس جي چوڻ تي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويس جنهن بعد مقتول جي گهر واري الماس قتل کي ڦر واقعو قرار ڏنو مون کي گهوٽڪي مان سکر پوليس گرفتار ڪري واردات ۾ استعمال ٿيل پسٽل هٿ ڪري ورتو آھي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو