ميگهواڙ برادري پاران قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج

ميگهواڙ برادري پاران قبرستان تي قبضي خلاف احتجاج

اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار)اسلام ڪوٽ ۾ ميگهواڙ برادري پاران قبرستان تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو،سومر تي باءِ پاس روڊ ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان، خبرموجب:اسلام ڪوٽ ۾ ميگهواڙ برادري قبرستان تي قبضي خلاف روڊن تي نڪري آئي،قبرستان تي ٿيل قبضي خلاف ميگهواڙ برادري جي رهواسين پاران اڳوڻي ٽائون چيئرمين ڪمليش ڪمار ،سُڌير راٺوڙ،سردارو ميگهواڙ،تيرٿ ميگهواڙ،راجو ميگهواڙ،لڇمڻ پڌواڻي،ٽيڪم داس،مڪيش ميگهواڙ،پرتاب ميگهواڙ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،رهواسين پاران قبرستان تان قبضو ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ سومر تي ٿرڪول باءِ پاس روڊ ڌرڻو هڻي بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،اُنهي سلسلي ۾ احتجاج ڪندڙن چيو آهي ته اسان جي قبرستان ۾ مري ويلن جون قبرون به محفوظ ناهن،بااثر ماڻهو قبرستان اندر قبضا ڪري رهيا آهن،اسان چئن پنجن سالن کان مسلسل دانهون ڪري رهيا آهيون پر قبضاگروپ زور هجڻ ڪري انتظاميا بيوس بڻيل آهي،اسان جي دانهن ڪير نه ٿو ٻُڌي،اسان چئون ٿا سرڪاري زمين اڳ ۾ قبضاگيرن وڪڻي ڇڏي آهي،پر هاڻي خدا جي واسطي اسان جي مرڻ بعد واري بچيل زمين کي ته ڇڏيو وڃي،اسان چتاءُ ٿا ڏيون ته اگر انتظاميا قبرستان تان قبضا ختم نه ڪرايا ته اسين سومر تي عورتن،ٻارڙن سميت ٿرڪول واري باءِ پاس روڊ تي اڻ اعلانيل مدي تائين ڌرڻو هڻنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو