ميهڙ (غلام حسين پنهور) قمبر ۾ هڪ هفتو اڳ نوجوان جي قتل ۽ زخمي ٿيڻ وارو مامرو ميهڙ ۾ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چانڊيا برادري پاران احتجاجي مظاهرو جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو خبر موجب هڪ هفتو اڳ قمبر ايس ايس پي آفيس ڀرسان جوابدارن پاران نوجوان سردار علي چانڊيو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ ۽ هڪ عورت مسمات رخسانه کي زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف ميهڙ ۾ پريس ڪلب اڳيان چانڊيا برادري پاران نصير احمد چانڊيو ، علي دوست چانڊيو ، عرض محمد چانڊيو ، حاجي سونو ۽ سندن جي حمايت ۾ هيومن فائونڊيشن سنڌ جي صدر ذوالفقار ٻگهيو ۽ مجلس وحدت المسلمين ضلع دادو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري عبداللطيف ڪانڌڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهرين چيو ته هڪ هفتو اڳ جوابدارن غلام قادر چانڊيو ، حب علي ، نور حسين ۽ منٺار علي چانڊيو ۽ ٻين قمبر ايس ايس پي آفيس ڀرسان نوجوان سردار علي چانڊيو کي گوليون هڻي بيگناهه قتل ڪيو آهي جڏهن ته انهيءَ واقعي ۾ هڪ عورت مسمات رخسانه پڻ شديد زخمي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي هنن چيو ته قمبر ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ٿي ڪري جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن ۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون پڻ ملي رهيون آهن هنن چيو ته ايس ايس پي آفيس ڀرسان قتل ٿيڻ باوجود به پوليس اگهور ننڊ ستل آهي هنن چيو ته اسان ڊي آءِ جي کي پڻ آگاه ڪيو آهي پر جوابدار گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن هنن چيو ته ايس ايس پي قمبر کي فوري طور تي هٽايو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قمبر نوجوان جي قتل واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندس جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي هنن چتاءُ ڏنو ته اگر جوابدار گرفتار نه ٿيا ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.










