لاهور (ويب ڊيسڪ) جيو ۽ جنگ گروپ جي سربراهه مير شڪيل الرحمان جي گهرواري پاران داخل ڪيل درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ نيب کان جواب طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي دوران نيب کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو هدايت ڪئي. ان موقعي تي مسز شاهينه شڪيل پنهنجي ٽ هي پٽن سان گڏ عدالتي ڪمري ۾ موجود هئي. عدالت چيو ته نيب احتساب ڀلي ڪري پر اهو قانوني دائري ۾ هجڻ گهرجي. آزاد عدليه ۽ آزاد ميڊيا رياست جا اهم ٿنڀ آهن. عدالت جي پڇڻ تي مير شڪيل جي وڪيل اعتزاز احسن چيو ته مير شڪيل نيب ۾ پيش ٿيو ٻئي پيشي تي سوالنامي لاءِ گهرائي کيس گرفتار ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته مير شڪيل خلاف ڪيس لاهور ۾ آهي پر گرفتاري وارنٽ چيئرمين نيب اسلام آباد مان جاري ڪيو. عدالت پڇو ته ڇا نواز شريف کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته وڪيل چيو ته خبر ناهي مون به اخبار ۾ پڙهيو هو. هن چيو ته نيب وارن مير شڪيل کي حبس بيجا ۾ رکيو آهي جڏهن هو جاچ ۾ تعاون ڪري پيو ته کيس گرفتار ڇو ڪيو ويو. ياد رهي ته لاهور ۾ 54 ڪنال جو پلاٽ 1986 ۾ تڏهوڪي وڏي وزير ميان نواز شريف کيس الاٽ ڪيو هو جنهن بابت نيب جو چوڻ آهي ته اهو غير قانوني طور تي الاٽ ڪيو ويو هو ۽ 12 مارچ تي کيس گرفتار ڪيو ويو. جنگ ۽ جيو جو چوڻ آهي ته حڪومت خلاف خبرپن هلائڻ کان روڪڻ لاءِ کيس 34 سال پراڻي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايمنسٽي انٽرنيشنل به سندس گتفاتري تي ڳڻتي ظاهر ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ائين پيو لڳي ته صحافتي حراست جو هي هڪ ٻيو واقعو آهي.










