ٺٽو ( سنڌيار) ٺٽي شھر جي بخاري پاڙي ۾ عطائي ڪلينڪ ھلائيندڙ ھڪ ڊاڪٽر جنھن جو نالو الياس سومرو ٻڌايو وڃي ٿو جنھن پاران مبينہ طور تي غلط انجيڪشن لڳڻ ڪري ٻار جي فوت ٿي وڃڻ خلاف عزيزن ۽ شھرين جو عطائي ڊاڪٽرن خلاف ٺٽي شھر ۾ احتجاج ٺٽو حيدرآباد نيشنل ھاء وي بلاڪ متاثرين جو چوڻ آھي تـ عطائي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو ٺٽو پوليس پاران ڪلينڪ تي ڪم ڪندڙ علمي کي گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن تـ ڊاڪٽر پاران گرفتاري جي ڊپ کان ڪلينڪ ڇڏي فرار ٿي وڃڻ جا اطلاع پڻ مليا آھن ياد رھي تـ ضلعو ٺٽو جيڪو سنڌ جو پٺتي پيل ضلعو ھجڻ ڪري ضلعي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ عطائي ڊاڪٽرن پاران ڪلينڪس جو ڄار وڇايو ويو آھي سرڪاري اسپتالن ۾ سھولتن جي کوٽ سميت اسپتالن جي کوٽ ھجڻ سبڀ ضلعي جي عوام مجبورن پنھنجن پيارن جو علاج انھي ڪري عطائي ڊاڪٽرن کان ڪرائڻ تي مجبور آھن تـ عطائي ڊاڪٽرن پاران چيڪ اپ فيس تمام گھٽ ورتي وڃي ٿي جڏھن تـ اڪثر عطائي ڊاڪٽر جو اثر رثوخ ھجڻ رکڻ ڪري ضلعي صحت کاتي سميت ضلعي انتظاميا اھڙن ڊاڪٽرن خلاف ڪاروائيون ڪرڻ کان قاثر آھي جنھن جي ڪري ضلعي ۾ اڪثر اھڙا واقعا جنم وٺڻ روز جو معمول بڻيل آھن










