لنڊن (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته نواز شريف سان ملاقات جو ڪو به شوق ناهي، مان 5 سالن کانپوءِ مونس الاهي جي خاندان سان ملاقات لاءِ لنڊن آيو آهيان.لنڊن ۾ ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته گهڻو وقت گڏ رهڻ کانپوءِ ماڻهو کي سکڻ گهرجي.پرويز الاهي چيو ته شهباز شريف ٻوڏ دوران پنجاب کي هڪ رپيو به نه ڏنو، هو ٽيلي فون ذريعي ٻوڏ متاثرن کي اڍائي ارب رپيا ڏئي رهيو آهي.هن چيو ته احساس پروگرام تحت ٻوڏ متاثرن کي پئسا ڏئي رهيا آهيون، ورلڊ بينڪ ۽ ٻيا ڊونرز اسان سان سڌي ڳالهه ڪري رهيا آهن.پرويز الاهي چيو ته منشيات بابت نئون قانون آندو پيو وڃي، ان لاءِ الڳ فورس ٺاهي پئي وڃي، اها فورس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ منشيات جو استعمال نه ٿيڻ کي يقيني بڻائيندي.وڏي وزير چيو ته هو منشيات بابت سخت قانون آڻي رهيا آهن، کين عمر قيد جون سزائون به ڏنيون پيون وڃن.هن چيو ته صوبي ميٽرڪ تائين مفت تعليم جو اعلان ڪيو هو، هاڻي بي اي تائين مفت تعليم جو اعلان ڪيو آهي، جيل سڌارا، جيلن ۾ کاڌي پيتي جو انتظام ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ ٻه ٽي نيون جيل به ٺاهي رهيا آهن.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته راڻا ثناءُ الله جنهن نموني ماڊل ٽائون ۾ فائرنگ ڪئي ان تي کيس سزا ملڻ جو امڪان آهي، راڻا ثناءُ الله به اسيمبلي ۾ پنهنجو بيان عدالت ۾ ڏئي رهيو آهي، هن اسيمبلي ۾ چيو ته رياست اندر رياست ٺاهي پئي وڃي. پرويز الاهي چيو ته راڻا صاحب کي لانگ مارچ دوران بيهڻ جي جاءِ نه ملندي، پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۾ عمران خان جي حڪومت آهي.هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ بابت پنجاب جي گهرو وزير جو بيان اهڙو ڪجهه به ناهي، جڏهن لانگ مارچ جو وقت ايندو ته پوءِ عمران خان جيڪو چوندو اهو ئي ڪندو.










