ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر اليڪشن مسلم ليگ (ن) پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت ڪئي، ۽ پنهنجا اميدوار دستبردار ڪرائڻ لاءِ حتمي فيصلو ڪيو تفصيلن مطابق ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ميئر ۽ بلدياتي سربراهه جي چونڊ 15 جون تي ٿيندا پنهنجا فيصلا سي پي پي قيادت کي آگاهه ڪري ڇڏيا آهن هي فيصلا مسلم ليگ جي قائد نوازشريف جي هدايت مطابق ڪيا ويا آهن. (ن) ليگ جي ڊپٽي ميئر جي اميدوار کي پنهنجا ڪاغذات واپس وٺڻ جي هدايت ڪئي ان حوايل سان (ن) ليگ سنڌ جي صدر شاهه محمود شاهه پارٽي جي مرڪزي قيادت جي فيصلي سان پي پي کي آگاهه ڪندي چيو ته اسان جا اميدوار توهان جي حق ۾ آهن مسلم ليگ (ن) جي صدر شاهه محمود شاهه پارٽي قائد جي حڪم تي هدايت جاري ڪري ڇڏي مسلم ليگ (ن) جا 14 ڪارڪن ميئر ڪراچي جي لاءِ پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا ٻئي پاسي پيپلزپارٽي به (ن) جي حمايت خيرمقدم ڪيو ۽ ٻئي جماعتون ملي ڪري شهر قائد جي ترقياتي ڪم ڪرائڻ جو اظهار ڪيو آهي واضح رهي ته ميئر ڪراچي جي لاءِ پيپلزپارٽي جي طرفان مرتصيٰ وهاب ۽ جماعت اسلامي پاران حافظ نعيم الرحمان جا اميدوار نامزد ڪيا ويا آهن ٻئي جماعتون پنهنجي پنهنجي اڪثريت ۽ ڪاميابي جي دعويٰ ڪري رهيون آهن










