مانجهند (مهراڻ عمراڻي) 10 ڏيهن اڳ موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل 25 ورهين جو نوجوان ايس يو پي ڪارڪن الطاف حسين رند سول اسپتال حيدرآباد ۾ زخمن جا سور ن سهندي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش خاڻوٺ لڳ ڳوٺ ڀورو خان رند پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو فوتي نوجوان ايس يو پي تعلقه مانجهند جي سيڪريٽري عبدالڪريم رند جوننڍو ڀاءُ هو جنهن جي 15 ڏينهن کان پوءِ شادي رٿيل هئي جيڪي خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون. فوتي جي جنازي نماز ۾ ايس يو پي جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري امير علي ٿيٻو، ڊويزنل صدر خدا بخش ٿيٻو، حافظ بخشل سيهڙو، صحافي يوسف عمراڻي، ايس يو پي اڳواڻن ممتاز علي ڳورڙ، محمد عمر ابڙو، محمد ملوڪ ٿيٻو سميت وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي.










